پليڊرس ڪلب حيدرآباد

پليڊرس ڪلب، حيدرآباد: هيءُ ڪلب 1905ع ۾ حيدرآباد جي وڪيلن قائم ڪئي، جنهن پنهنجي شروعاتي سال کان ڏيارام جيٺيمل سنڌ ڪاليج ايميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جي معيار جيترو پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ خاطر، گهڻا مشهور ناٽڪ حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ ۾ ڪري ڏيکاريا، جن ۾ مرزا قليچ بيگ جا ’خورشيد‘، ’عزيز ۽ شريف‘ ۽ ڄيٺانند کلڻداس ڀرياڻي جو ’نل دمينتي‘ ناٽڪ بيحد ڪاميابيءَ سان پيش ٿيا هئا. ڪلب طرفان رچيل ناٽڪن جا هدايتڪار ۽ اداڪار حيدرآباد جا برک وڪيل هئا، جن ۾: هيرا نند سنتوڪرام، ڄيٺسنگ نارائڻ سنگ، سنتداس منگهارام، پرسرام هرداسمل، لوڪومل گوبند بخش، حشمتراءِ پال، وليرام آئلمل، ڄيٺيمل ليلا رامسنگ، فتحچند بجاسنگ، ڪڪو هير ننداڻي ۽ جهمٽ ڀاوناڻي شامل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو